تنهنجا نيڻ غزل- ڪتاب

تنهنجا نيڻ غزل- ڪتاب

تنهنجا نيڻ غزل

تنهنجا نيڻ غزل (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ جو آهي. جنهن ۾ سندس هڪ سؤ غزل شامل آهن. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ تاجل بيوس لکي ٿو ته، ”فارسي ۽ سنڌي روايتي شاعريءَ موجب غزل جو محور حسن پرستي يا عشق مجاز مقرر ٿيل آهي، يعني محبوبائن سان عشق ۽ محبت وارا لڳ لاڳاپا قائم ڪرڻ. هونئن به ”تغزل“ جي معنيٰ سُهڻن ماڻهن سان عشق جون ڳالهيون ڪرڻ ٻڌائي ويئي آهي. شاعريءَ جي هن دائري ۾ محبوب جو حسن جمال، ناز، انداز، زلفن جا دام، وفائون ۽ جفائون اچي ٿيون وڃن.“ هن ڪتاب جو انتساب تاجل بيوس هن ريت ڪيو آهي: ”هيري ٺڪر نالي! هڪ ماءُ ٻه پُٽ ڄڻيا، هڪ سنڌوءَ ڪناري آباد ٿيو ۽ ٻئي وڃي جمنا جي گود وسائي.“ ڪچي جلد سان، 112 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مهراڻ پبلشرس ڪراچي پاران ڊسمبر 1996ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو